حسين شاهه جيلاني

حسين شاهه جيلاني: نامور بزرگ حسين شاهه جيلانيءَ جا وڏا بغداد کان پهرين پنجاب ۽ پوءِ سنڌ ۾ ضلعي شهيد بينظير آباد (نوابشاهه) جي تعلقي دولتپور جي هڪ ڳوٺ ”ميوي پرهياڙ“۾ 1232هه/ 1817ع ڌاري اچي آباد ٿيا. حسين شاهه جيلانيءَ جي ولادت جي صحيح تاريخ معلوم نه ٿي سگھي آهي. سندس والد جو نالو سيد نور محمد شاهه هو. سندس حسب ۽ نسب جو سلسلو سيد عبدالقادر جيلانيءَ جي واسطي سان امام حسن رضه سان وڃي ملي ٿو. پير حسين شاهه وڏو عالم، ولي ۽ حاذق حڪيم ٿي گذريو آهي. پنهنجي والد جي هٿ تي قادري سلسلي ۾ بيعت ڪيائين ۽ چشتي طريقي ۾ پير خواجه الله بخش تونسويءَ کان اجازت ورتائين. ڳوٺ ميوي پرهياڙ ۾ ديني مدرسو قائم ڪيائين، جنهن ۾ تدريس ۽ تبليغ ذريعي خدمت ڪندو رهيو. سندس اولاد مان ڪيترا عالم ٿي گذريا آهن، جن ۾: سيد پيرل شاهه، سيد محمد بخش، سيد قاسم علي شاهه ۽ سيد غوث محمد شاهه جيلاني قابلِ ذڪر آهن. سيد حسين شاهه پنهنجي هٿن سان قرآن شريف جو قلمي نسخو لکيو، جيڪو اڄ به سندس اولاد وٽ موجود آهي. هن 12 ربيع الاول 1340هه/ 1921ع تي وفات ڪئي. سندس مزار تعلقي دولتپور جي ڳوٺ هبيريءَ کان اولهه طرف بئراج جي ڪنڌيءَ تي واقع آهي.


لفظ حسين شاهه جيلانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1340.03.12  هجري

حسين شاهه جيلاني 12 ربيع الاول 1340هه/ 1921ع تي وفات ڪئي. سندس مزار تعلقي دولتپور جي ڳوٺ هبيريءَ کان اولهه طرف بئراج جي ڪنڌيءَ تي واقع آهي.



مذهبي شخصيت - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حاجي عبدالرحيم لغاري
ام الفضلرضه
راڄو درويش
پير، اصحابي محمد اسماعيل
ڇُٽو سيد ۽ ميان ڇَتو
دائود عليه السلام
امين شاهه چشتي
راحيل
چشتي مولانا غلام رسول ’هاشم‘
زڪريا عليه السلام
مذهبي شخصيت ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون